ٿامس ايڇ ويلر

ٿامس ايڇ ويلر

ٿامس ايڇ ويلر

ٿامس ايڇ. ويلر: پوليو جي جراثيمن تي تحقيق ڪندڙ ٿامس. ايڇ. ويلر (Thomas. H. Weller) کي پوليو مائيليئس جي گھرڙن ڳولڻ ۾ ڪاميابي تي 1954ع جو، طب جو نوبل انعام ڏنو ويو هو. سندس هن انعام ۾ روبنز (Robbins) ۽ اينڊرس (Enders) به شامل هئا. هن جي تحقيق مان پوليو جي وئڪسين ٺاهڻ ۾ مدد ملي. هن مشيگن (Hichigon) يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان 1940ع ۾ اي. ڊي جي ڊگري ورتي. 1942ع تائين هارورڊ ميڊيڪل اسڪول سان وابسته رهيو ۽ پوءِ آمريڪي فوج ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ٻي عالمي جنگ دوران هن آمريڪي فوج ۾ طبي خدمتون سر انجام ڏنيون. 1949ع ۾ کيس بوسٽن جي ٻارن واري مرڪز جي تجربي گاهه ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. اتي تحقيق ڪرڻ تي کيس 1954ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو